سئنيما سماچار

سئنيما سماچار (رسالو): هيءُ ماهوار رسالو جولاءِ 1934ع ۾ لاڙڪاڻي مان جاري ڪيو ويو، جنهن جو ايڊيٽر ڊي جي سڀاڻي ۽ جوائنٽ ايڊيٽر جي جي موٽواڻي هئا. هن رسالي ۾ فلمي خبرون، تصويرون ۽ ٻيو مواد شايع ٿيندو هو. رسالي ۾ فلمي خبرن کان علاوه فلم ۽ سئنيما جي پرچار لاءِ مضمون پڻ شامل هوندا هئا، هيءُ رسالو فلمن جي شوقينن لاءِ وندر ۽ ورونهن جو چڱو سامان مهيا ڪندو هو، هن رسالي پڙهندڙن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي ۽ ڪيترو ئي وقت باقائدگيءَ سان جاري ٿيندو هو، هيءُ رسالو ورهاڱي بعد بند ٿي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو